جهانگير ترين جي حڪومتي راهدارين ۾ واپسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي باني جهانگير ترين جي حڪومتي راهدارين ۾ واپسي ٿي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جهانگير ترين کي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ۾ ثاقب شيرازي، شهزاد سليم، مصدق ذوالقرنين، ڊاڪٽر اعجاز نبي، آصف پير، زياد بشير ۽ سلمان احمد شامل آهن.
جهانگير ترين 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ پارٽي سربراهي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

#jahangirtareen #IPP #Shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.