نمرا خان جو ڀارت ڄائي برطانوي گلوڪار سان گڏ وڊيو لانچ ڪرڻ جو اعلان

پاڪستاني اداڪارا نمرا خان ڀارت ڄائي برطانوي گلوڪار جنج مسڪ (آر ڊي بي) سان گڏ ميوزڪ وڊيو لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام تي اداڪارا مختصر وڊيو شيئر ڪندي پنهنجي نئين ميوزڪ وڊيو جي حوالي سان اعلان ڪيو.
ان مختصر وڊيو ڪلپ ۾ ان سان گڏ ڀارت ڄائو برطانوي گلوڪار منج مسڪ (آر ڊي بي) به موجود آهي.
اداڪارا اعلان ڪيو ته ٻنهي جي ڀائيوري سان تيار ڪيل نئين ميوزڪ وڊيو جلد اچڻ واري آهي.
وڊيو ۾ نمرا خان کي اهو چوندي به ٻڌي سگهجي ٿو ته هي منهنجو پهريون پنجابي گانو آهي، ”ڪلي ڪلي“ جلد پيش ڪيو ويندو.

#manjmusik #NimraKhan #Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.