اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا جديد ترين ”آل ان ون“ ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي، جيڪا قومي سڃاڻپ پروگرامن، ووٽر رجسٽريشن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ فائديمند آهي.
نادرا جي اداري اين ٽي ايل ۽ اين آر ٽي سي جو ڪارنامو سامهون اچي ويو، جديد ترين ڪٽ اندرون ملڪ تيار ڪئي وئي، جنهن جي نمائش ايندڙ هفتي ڪيپ ٽائون ۾ آءِ ڊي فار ڊي آفريقا ڪانفرنس ۾ ٿيندي،
اک، آڱرين جي نشانن، چهري جي سڃاڻپ هڪ ئي ڪٽ ذريعي ٿيندي، ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ ۾ بيٽري سان گڏ جي پي ايس، موبائل ۽ واءِ فاءِ به شامل آهي.
ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ جلد نادرا سينٽرن تي فراهم ڪئي ويندي، جديد ڪٽ جي مدد سان شهرين کي سڃاڻپ دستاويز جاري ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.
#Nadra #Pakistan #Digitalkit