ترڪ صدر جي پاڪستان جي دوري جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رج طيب اردگان پاران پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي.

واپار واري وزارت جي ذريعن موجب لاڳاپيل وزارتن بحث هيٺ ايندڙ شين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مشاورت شروع ڪئي آهي.

گهٽ ۾ گهٽ 9 معاهدا جن ۾ سماجي، ثقافتي مقصدن لاءِ فوجي ۽ سويلين اهلڪارن جي مٽاسٽا جو پروٽوڪول ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ انرجي مارڪيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان التوا هيٺ آهن.

ترڪ حڪومت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ واپارين کي پيش ايندڙ چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ معاملن کي به بحث هيٺ آڻيندي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي.

#AsifAliZardari #PresidentTurkiye #tayyiperdogan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.