علي محمد خان جو اڊيالا جيل انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ علي محمد خان اڊيالا جيل انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائينداسين.
هن جو چوڻ هو ته مونکي نه گذريل حاضري تي ۽ نه وري هن ڀيري ملڻ ڏنو ويو، جيل انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ ويندس.
پي ٽي اڳواڻ چيو ته مان به هن جيل ۾ رهيو آهيان، مونکي به جيل ۾ فٽ بال بڻايو ويو هو، سيڪيورٽي بهانو آهي، دفاع ۽ سلامتي جي ادارن تي اعتماد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.