لاهور (پ ر) الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ تحت 70 کان وڌيڪ ذهين شاگردن کي اسڪالرشپز ڏنيون ويون.
تقريب ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرمين الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ سيد وقاص جعفري، مرڪزي نائب صدر محمد عبدالشکور، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊاڪٽر احمد جبران بلوچ، محمد اعجاز طاهر صدر اڪنامڪس ايڊ، ريجنل ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊاڪٽر مهر سعيد اختر، اڳوڻي ڊائريڪٽر فنانشل ايڊ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن ڊاڪٽر ثاقب انور، ڊاڪٽر وجيه اسحاق پروفيسر ڊپارٽمينٽ آف سوشل ورڪ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي ۽ ٻيا مهمان به شريڪ ٿيا ۽ خيالن جو اظهار ڪيو.
سيد وقاص جعفري چيو ته الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ 437 ملين رپيا خرچ ڪري 5 هزار 269 مستحق شاگردن جي اعليٰ تعليم جو خواب ساڀيان ڪيو آهي. تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2.3 ملين ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. خاص ڪري اعليٰ تعليم ۾ شاگردن کي وسيلن جي کوٽ سبب پنهنجي تعليم اڻپوري ڇڏي ڏيڻي پوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ جهڙا پروگرام باصلاحيت شاگردن لاءِ اميد آهن.
محمد عبدالشڪور چيو ته الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ تحت گذريل 26 سالن کان مالي مشڪلاتن جو شڪار هزارين ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم ۾ مدد ڪئي پئي وڃي. ذهين ۽ مالي طور تي ڏکيائين جو شڪار شاگردن کي ميرٽ تي چونڊيو ويو آهي ۽ پوءِ انهن کي اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏنيون وڃن ٿيون. هن وقت الخدمت اڪيڊمڪ اسڪالر شپ تحت وطن عزيز جا چارئي صوبا آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا هوشيار ۽ مستحق شاگرد بنا ڪنهن نسل ۽ رنگ جي لاڀ وٺي رهيا آهن.
ڊاڪٽر جبران بلوچ چيو ته تقريب جو مقصد هڪ طرف انهن شاگردن جي همت افزائي ڪرڻ آهي ۽ کين نئين منزلن جا خواب ڏيکارڻا آهن ٻئي پاسي اهو مقصد به آهي ته پاڪستان جي باصلاحيت پر مالي طور تي ڏکيائين جو شڪار شاگردن کي اسپانسر ڪرڻ لاء انسان دوست ماڻهن جو ڌيان ڇڪائجي.