پاڪستان ريلوي تيزگام ايڪسپريس لاءِ نئين سروس متعارف ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي تيزگام ايڪسپريس تي ”پريميئر“ ڊائننگ سروس جي شروعات ڪري ڇڏي.
پاڪستان ريلوي جي چيئرمين سيد مظهر علي شاهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي سروس جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ريلوي مسافرن جي تجربن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عمل ۾ مصروف آهي، اسان کي تيزگام ايڪسپريس تي پريميئر ڊائننگ سروس جو اعلان ڪرڻ تي فخر آهي.
وڊيو ڪلپ به پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن جي نمائش ڪئي وئي هئي.
تيزگام ايڪسپريس ڪراچي ۽ راولپنڊي وچ ۾ هلندڙ ٽرين سروس آهي، اها پاڪستان جي سڀ کان قديم ۽ مقبول ترين ٽرين به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.