شرجيل ميمڻ جي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم گهٽجڻ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم گهٽجڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ منشيات جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سيف سٽي منصوبي کي گهرو کاتو ڏسي رهيو آهي، نئين گاڏي رجسٽرڊ ٿيڻ تائين شو روم کان ٻاهر نه ايندي.
هن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي آئي آهي، صوبي ۾ منشيات جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته عمران خان ننڍي سوچ جو مالڪ آهي، پي ٽي آءِ سدائين عوام کي ڏڦيڙ جي سياست سيکاري، ڪوڙ، بدتميزي ۽ پروپئگنڊا جي سياست سيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.