بجلي جي جهٽڪن سان چهري جا داڻا ختم ڪرڻ جي دعويٰ

بجلي جي جهٽڪن سان چهري جا داڻا ختم ڪرڻ جي دعويٰ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
حقيقت ۾ هي اهي اليڪٽرڪ شاڪس ناهن، جيڪي ذهني مريضن کي ڏنا ويندا آهن پر هتي ”هاءِ فريڪوئنسي ڊيوائس“ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جنهن جي استعمال سان چهري تي موجود داڻن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.
انسٽاگرام تي ان اوزار جي استعمال جو ٽرينڊ جاري آهي، ان کي ”ميجڪ وانڊ“ مطلب ”جادوئي ڇڙي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪا جهٽڪن سان منٽن ۾ داڻا ختم ڪري ڇڏيندي.
اها ڊوائس سوشل ميڊيا واهپيدارن جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي رهي آهي پر ڪيترائي ماڻهو ان ڊوائس جي قيمت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ايليسن هولز نالي هڪ انسٽا واهپيدار پنهنجي وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هوءَ ڄاڻايل ڊوائس جو استعمال ڪندي نظر آئي.
وڊيو سان گڏ هن لکيو ته ڪير نٿو ڄاڻي توهان سمهڻ کان اڳ پنهنجي پمپلز جو خاتمو ڪري سگهو ٿا ۽ جڏهن صبح اٿي ڏسو ته توهان جي جلد تازي تواني نظر ايندي.
سندس موجب اها ڊوائس هر قسم جي جلد لاءِ موزون ناهي، خاص طور انهن ماڻهن لاءِ، جن جي جلد حساس هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.