راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيڻو هو پر بشريٰ بي بي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر فيصل جي اصرار باوجود بشريٰ بي بي رت جو سيمپل نه ڏنو، جڏهن ته عمران خان جي چوڻ تي به بشريٰ بي بي طبي معائني لاءِ راضي نه ٿي.
هوڏانهن عمران خان جي رت جا نمونا پمز اسپتال جي عملي ورتا، پي ٽي آءِ باني جو طبي معائنو عدالتي حڪم جي روشني ۾ ڊاڪٽر فيصل جي نگراني ۾ ٿيو.
جيل ذريعن موجب عمران خان جون پمز اسپتال مان مختلف ٽيسٽون ڪرايون وينديون، ميڊيڪل ٽيسٽ جون رپورٽون احتساب عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون.
واضح رهي ته عمران خان احتساب عدالت ۾ ڪيترائي ڀيرا بشريٰ بي بي جي معائني جي درخواست ڪري چڪو آهي.
You might also like