ايشوريا راءِ زخمي حالت ۾ ڪانز 2024 ۾ شرڪت لاءِ رواني ٿي وئي

ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ بچن پنهنجي ڌيءَ آراڌيا سان گڏ ڪانز فلم فيسٽيول 2024 م شرڪت لاءِ رواني ٿي وئي.
ڪانز فلم فيسٽيول جي 77 هون ايڊيشن 14 مئي کان شروع ٿي چڪو آهي ۽ اهو 25 تائين جاري رهندو.
گذريل سالن وانگي ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ بچن به فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته هو پنهنجي روپ سان سرخين ۾ نظر به ايندي.
ايشوريا راءِ کي ممبئي جي هوائي اڏي تي فرانسيسي ريويرا ۾ ٿيندڙ تقريب لاءِ روانو ٿيندي ڏٺو ويو، ان سان گڏ هن جي ڌيءَ آراڌيا بچن به گڏ هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ايئرپورٽ تي اداڪارا کي زخمي حالت ۾ ڏٺو ويو، هن هٿن ۾ آرم سلنگ پائي رکيو هو، جيڪو عام طور تي موچ يا معمولي فريڪچر جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، اداڪارا کي زخمي ڏسي سندس پرستار به ٿورڙو فڪرمند نظر اچي رهيا آهن.
77هين ڪانز فلم فيسٽيول جي شروعات انتهائي شاندار انداز ۾ ٿي هئي، فيشن ۽ سينيما انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي ستارن هن پروقار تقريب جي ڪارپيٽ تي جلوا ڏيکاريندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.