هم جنس پرست عورتن تي ڪيل تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ نتيجا سامهون اچي ويا

هم جنس پرستي هڪ اهڙو انساني عمل آهي، جنهن تي روز جي بنياد تي تحقيق ڪئي پئي وڃي، هاڻ ان حوالي سان تازي تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي، جنهن موجب هم جنس پرستي جو شڪار ماڻهو ذهني مسئلن سان گڏ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيندو آهي.
تازي تحقيق ۾ سامهون ايندڙ نتيجن مان خبر پئي ٿي ته هم جنس پرست عورتن جو موت عام عورتن جي ڀيٽ ۾ تڪڙي ٿيندو آهي.
جنرل آف دي آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ ڇپيل ان تحقيق جي شروعات 1989 ۾ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ عورتن ۾ دائمي بيمارين جي خطري جي عملن کي ٽريڪ ڪيو ويو، هڪ لک آمريڪي عورتن جي جنسي عمل ۽ موت جي شرح تي تحقيق ڪئي وئي ته حيران ڪندڙ نتيجا سامهون آيا.
ڄاڻايل تحقيق سان خبر پئي ته جن عورتن جي سڃاڻپ هم جنس پرست ۽ هاءِ سيڪشوئل طور ٿي، انهن جو موت 26 سيڪڙو تڪڙي ٿيو، عام عورتن جي ڀيٽ ۾ هم جنس پرست عورتن جو موت 20 سيڪڙو، جڏهن ته هاءِ سيڪشوئل عورتن جو موت 37 سيڪڙو تڪڙي ٿيو.
حقيق ڪندڙن کي اندازو هو ته هم جنس پرت عورتن جي موت جي شرح ۾ فرق هوندو پر کين ايڏي وڏي فرق جي اميد نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.