جي ميل جا ڪيترائي نوان ڪارآمد فيچرز متعارف

گوگل طرفان جي ميل لاءِ جنريٽو آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ ) ٽيڪنالاجي جا ڪيترائي نوان فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن.
گوگل جي سالياني ڊويلپر ڪانفرسن جي موقعي تي ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته جي ميل ۾ جلد نوان اي آءِ فيچرز واهپيدارن کي دستياب هوندا.
گوگل ورڪ اسپيس جي نائب صدر ٻڌايو آهي ته جي ميل ۾ واهپيدارن اي ميلز جي رپلائز جي حوالي سان تجويزون فراهم ڪيون وينديون.
هن چيو ته سائيڊ پينل اسسٽنٽ نالي ٽول ڪيترائي ميلز جو خلاصو فراهم ڪندو، جنهن سان واهپيدارن جو وقت بچندو.
اسمارٽ رسپانس نالي هڪ نئين اي آءِ اسسٽنٽ مخصوص پيغامن جا جواب ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
هڪ نئين ڪيو اينڊ اي ٽول کي به جي ميل جو حصو بڻايو پيو وڃي، جيڪو گوگل جي جيمنائي اي آءِ ماڊل جي استعمال ڪري اي ميلز جي حوالي سان پڇيا ويندڙ سوالن جو جواب ڏيندو.
جيڪڏهن اوهان ڪنهن اي ميل کي سمجهڻ کان قاصر آهيو ته هن اي آءِ اسسٽنٽ ذريعي کيس سمجهڻ ممڪن ٿي ويندو.
نائب صدر ٻڌايو ته بين گوگل سروسز جهڙوڪ ڊرائيو، شيٽس ۽ ٻين کي جي ميل جو حصو بڻايو پيو وڃي ته جيئن ڪم ڪرڻ دوران هنن جو رخ ڪرڻ جي ضرورت نه رهي ۽ قيمتي وقت بچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.