يورپي يونين فيسبڪ ۽ انسٽاگرام خلاف رسمي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
يورپي يونين طرفان اها جاچ ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ڪئي پئي وڃي.
يورپي ڪميشن طرفان اعلان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ 2023 جي ڊجيٽل سروسز ايڪٽ ذريعي ميٽا جي ملڪيت هيٺ سروسز خلاف جاچ شروع ڪئي وئي.
اهو اعلان انڪري اهم آهي ته رسمي جاچ دوران يورپي ڪميشن کي ميٽا خلاف ڪارروائي لاءِ اضافي جاچ جا اختيار ڏئي سگهجي ٿا، جيئن آفيسن جي تلاشي ورتي وڃي.
ڊي ايس اي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي ميٽا تي کيس عالمي آمدني جي 6 سيڪڙو حصي تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو.
يورپي ڪميشن جي اختيارين ٻڌايو آهي ته کين شڪ آهي ته ميٽا کي ٻارن جي خطرن جي روڪٿام ۾ ناڪامي ٿي رهي آهي.
يورپي يونين طرفان اپريل 2024 ۾ ٽڪ ٽاڪ خلاف به اهڙي ريت جاچ جي شروعات ڪئي وئي هئي.
Next Post
You might also like