چوري ٿيل موبائل وڪرو ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو

گوگل طرفان اينڊرائڊ ڊيوائسز لاءِ نئين سيڪيورٽي فيچرز متعارف ڪرايا پيا وڃن، جيڪي چورن کي اوهان جي موبائل فون وڪرو ڪرڻ يا ڊيٽا تائين پهچ ڏيڻ کان روڪيندا.
گوگل جي سالياني ڊويلپرز ڪانفرسن جي موقعي تي اينڊرائڊ ڊيوائسز جي تحفظ لاءِ ڪجهه نون فيچرز جو اعلان ڪيو ويو، اهي فيچر ڊيٽا ۽ ڊيوائسز ٻنهي کي تحفظ فراهم ڪندا.
انهن فيچرن لاءِ آرٽيفيشنل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو، جن ۾ ٿيف ڊٽيڪشن لاڪ نالي فيچر گهڻو اهم هوندو.
اهو فيچر اي آءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري اهو تعين ڪندو آهي ته ڪو اوهان جي هٿ مان موبائل کسي ڀڄي رهيو آهي.
جيڪڏهن ان فيچر کي موبائل چوري يا کسڻ جو احساس ٿئي ته وه پاڻمرادو طور ڊيوائس کي لاڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي اندر موجود هر قسم جي ڊيٽا تائين پهچ ناممڪن بڻائي ڇڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.