مشهور صوفي فنڪارا عابدا پروين دبئي جي ڪوڪا ڪولا ايرينا ايونٽ ۾ فن جو مظاهرو ڪندي.
ليجنڊ فنڪارا عابدا پروين ڊمانڊ تي دبئي ۾ ٿيندڙ هن پروگرام جو حصو بڻي آهي، هو پنهنجي خوبصورت آواز ۽ صوفياڻي انداز لاءِ سڃاتي ويندي آهي.
بلو بلڊ، ايوا لائيو مڊل ايسٽ ۽ مڊاس ايونٽس طرفان پيش ڪئي ويندڙ ڪنسرٽ هڪ بهترين ايونٽ منعقد ڪرائيندي آهي، جيڪا موسيقي ذريعي دلن ۾ محبت ۽ امن جو فڪر ڏيندي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان پاڪستان جون ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون دبئي ۾ موڪلون گذاري رهيون هيون، ڪجهه اداڪار خاص ڪري دبئي جي ڪوڪا ڪولا ارينا ۾ مشهور ڀارتي دنڪار اريجيت سنگهه جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا.
You might also like