پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا، ماڊل ۽ مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي ٿيندڙ همسفر ۾ صرف هڪ خوبي ڏسڻ جي خواهشمند آهي.
جنت مرزا تازو ئي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پرستارن طرفان پڇيل سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا.
اداڪارا هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته مان في الحال سنگل آهيان، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا ۾ هن جي پسنديدا جاءِ ناروي آهي.
جنت مرزا موجب هو پنهنجي پاڻ ۾ رهڻ پسند ڪندي آهي، ۽ هو گهڻو ڪري سماجي لاڳاپا پسند ناهي ڪندي.
هڪ پرستار سوال ڪيو ته ”اوهان پنهنجي مڙس ۾ ڪهڙي خوبي ڏسڻ چاهين ٿي؟“
هن سوال جي جواب ۾ جنت مرزا لکيو ته مان گهڻو ڊمانڊ نٿي ڪيان بس منهنجو همسفر وفادار هجڻ گهرجي.
Next Post
You might also like