سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ هڪ هزار 600 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ هڪ هزار 371 رپيا واڌ ٿي آهي.
ان واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 45 هزار 600 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ٻه لک 10 هزار 562 رپيا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 25 ڊالر واڌ سان ٻه هزار 370 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.