ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1200 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 41 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 934 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 733 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 12 ڊالر لاٿ سان 2337 ڊالر في اونس آهي.
You might also like