ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا يمنا زيدي ڊرامي جي شوٽنگ دوران ڏاڪڻ تان ڪري پئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿه اداڪارا يمنا زيدي ڏاڪڻ تان لهڻ دوران اچانڪ هو ڪري پوندي آهي.
اداڪارا واقعي بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽ به شيئر ڪري ڇڏي.
يمنا زيدي پوسٽ ۾ لکيو ته صدقي جي طاقت تي يقين رکندي آهيان، صدقي ئي بچائي ورتو، ڏاڪڻ تان ڪرڻ باوجود مان محفوظ رهيس ۽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.
اداڪارا جو ڏاڪڻ تان ڪرڻ وارو واقعو جٽلمين جي شوٽنگ دوران پيش آيو، يمنا زيدي ڊرامي ۾ صحافي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ هن جو هيرو همايو سعيد آهي.
You might also like