ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍي اليڪٽرڪ گاڏي رکڻ جي شوقينن لاءِ هي گاڏي سٺي چونڊ ٿي سگهي ٿي ۽ هاڻي ئي ويجهي ڊيلرز وٽ وڃي گاڏي خريد ڪري سگهن ٿا.
پيجو ۽ سوزوڪي کانپوءِ گگو موٽرز پنهنجي اليڪٽرڪ هيچ بيڪ گاڏي جيجي اي وي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي.
جيجي اي وي جو اگهه 46 لک رپيا هو ۽ هاڻي 7 لک رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 39 لک رپين جي ٿي وئي آهي.
هن گاڏي جي بيٽري 6 ڪلاڪ چارج هلائي ٿي جيڪو پيٽرول انجڻ کان بهتر آپشن آهي. 16.8 ڪلو واٽس جي بايٽري آهي ۽ 220 ڪلوميٽر ڊرائيونگ رينج آهي.
هي گاڏي 80 ڪلوميٽر جي رفتار سان هلي سگهي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ اسپيڊ 110 ڪلوميٽر آهي.
بنا اي سي کان هي گاڏي 160 کان وڌيڪ ڪلوميٽر هلي ٿي.
هي مينٽيننس فري ڪار آهي جنهن ۾ في بيٽري 3 هزار ڀيرا چارج ٿئي ٿي جنهن کي 5 لک ڪلوميٽر هلائجي ته پوءِ ان جي ڪارڪردگي 70 سيڪڙو گهٽجي ويندي.