”سياست کي ذاتي دشمني بڻايو ويو آهي، مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي هٿ ملائڻو پوندو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ نفرت جي سياست عروج تي آهي، ملڪ ۾ سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، مسئلن جي حل لاءِ سياستدانن کي هڪٻئي سان هٿ ملائڻو پوندو.
لاهور ۾ ”ڀٽو ريفرنس ۽ تاريخ“ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو ريفرنس تي عدالتي فيصلي کانپوءِ پ پ جو هي پهريون سيمينار آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو پ پ جي ڊگهي جدوجهد جو نتيجو آهي، آصف زرداري ڀٽو ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو هو، ڀٽو ريفرنس جي تاريخي فيصلي تي هر ضلعي ۾ سيمينار ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي يقين هجڻ گهرجي ته هاڻ ڪو عدالتي قتل نه ٿيندو.
هن چيو ته پ پ ميثاق جمهوريت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ ملڪ ۾ نفرت جي سياست عروج تي آهي، ملڪ ۾ سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ملڪي سياست ۾ اختلاف راءِ جي احترام لاءِ جاءِ ناهي رهي، مسئلن جي حل لاءِ سياستدانن کي هڪٻئي سان هٿ ملائڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڀٽو ريفرنس ۾ عدالت تسليم ڪيو ته غلطي ٿي، عدالتي نظام ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهي، اسان کي عدالتي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهون ته غلطي درست ڪري سگهون ٿا پر عدالتي سڌارن لاءِ آئيني ترميم آڻڻ جي ضرورت آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته عوامي مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي، پ پ ملڪي مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پ پ ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، عوام جي بهترين لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ مهم ۾ اسان جي 10 نڪاتي ايجنڊا تي تنقيد ڪئي وئي، وفاق ۽ صوبن اقتدار ۾ اچي اسان جي 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪيو، پنجاب ۾ پ پ جي 10 نڪاتي منشور تي عمل ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.