موبائيل مارڪيٽ ۾ 30 سيڪڙو سستائپ ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائل فونز جي اگهن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

موبائل مارڪيٽن ۾ هڪ لک رپين جو سمارٽ فون 70 هزار رپين جو ٿي ويو آهي، 64 هزار رپين جو سمارٽ فون هاڻي 50 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

ڪي پيڊ موبائيل فونن جي اگهن ۾ به گهٽتائي اچي وئي آهي، ڪي پيڊ موبائيل 1800 رپيا ٿي ويو آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب ملڪ ۾ چيني موبائيل فونن جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب ٻين برانڊز جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

مهانگائي دوران موبائيل فون جي اگهن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي پر جڏهن اگهه گهٽيا ته هاڻي 30 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.