ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ڪانپور ۾ هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي طلاق ملڻ کانپوءِ وڏي دهل دمامن سان گهر وٺي آيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب انيل ڪمار نالي هڪ شهري طلاق کانپوءِ ڌيءَ کي اهڙي طرح گهر واپس وٺي آيو، جهڙي ريت هن ڌيءَ جي رخصتي ڪرائي هئي.
رپورٽ موجب انيل ڪمار جي ڌيءَ اروي انجنيئر آهي ۽ نئين دهلي ايئرپورٽ تي ڪم ڪندي آهي جڏهن ته سندس مڙس ڪمپيوٽر انجنيئر آهي.
اروي الزام هنيو ته منهنجو سهرو ڏاج لاءِ ساڻس خراب ورتاءُ ڪندو هو، جنهن ڪري هو طلاق وٺڻ تي مجبور ٿي.
عورت جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون 8 سالن تائين تشدد ۽ طعنن باوجود رشتو بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان رشتو ٽٽي ويو.
ان حوالي سان انيل ڪمار جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي ڌيءَ کي خوشيءَ سان واپس وٺي آيا آهيون ڇو ته اسان هن کي خوشيءَ سان ڇڏيو هو ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته هوءَ سر مٿي ڪري زندگي گذاري.
هن وڌيڪ چيو ته ڌيءُ کي گهر واپس آڻڻ وقت دهلن باجن جو انتظام ڪيو آهي ته جيئن سماج ۾ هڪ هاڪاري پيغام وڃي ۽ ماڻهو شادي کانپوءِ نياڻين کي نظرانداز ڪرڻ بدران انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
ڀارت ۾ ان واقعي جي هڪ وڊيو به ٺاهي وئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.