ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تجربيڪار اداڪارا نرگس دت کي مداحن کان وڇڙئي 43 ورهيه وهامي ويا آهن، ان ڏينهن جي مناسبت سان اداڪار سنجي دت پنهنجي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪئي.
نرگس دت ڀارتي سينما جي هڪ مقبول شخصيت آهي جنهن 3 مئي 1981 تي ڪينسر وگهي دم ڏنو.
اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت سان سنجي دت سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ماضي جون يادگيريون شيئر ڪندي ماءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن لکيو ته ماءُ مان توکي ياد ڪريان ٿو، اڄ تون هتي نه آهين پر تنهنجي موجودگي هر وقت محسوس ٿيندي اهي، اسان اوهان کي پنهنجي دلين ۽ يادن ۾ رکيو آهي.