زال تي تيزاب اڇلائڻ جي ڏوهه ۾ مڙس کي 14 سال قيد جي سزا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عدالت گهرواريءَ تي تيزاب اڇلائڻ واري ڪيس ۾ مڙس کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تيزاب گردي جي ڏوهه ۾ جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ گهرواريءَ تي تيزاب اڇلائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي ۾ جوابدار کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت قيد کان علاوه جوابدار تي ڏهه لک رپين جو ڏنڊ به لڳايو، عدالت چيو ته تيزاب سان ڪنهن کي ساڙڻ قتل کان وڏو ڏوهه آهي.
پوليس موجب عورت تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو جون 2021ع ۾ پيش آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.