ڇا ڊراما سيريل پري زاد جي سيزن 2 اچڻ واري آهي؟

ڇا مشهور ڊراما سيريل پري زاد جي سيزن 2 اچڻ واري آهي؟ ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار احمد علي اڪبر ٻڌائي ڇڏيو.
احمد علي اڪبر پري زاد ۾ پري زاد جو مرڪزي ادا ڪيو هو، جيڪو سانوري رنگ واري غريب مرد جو ڪردار هيو، جيڪو بعد ۾ پنهنجي مالڪ طرفان ڏنل دولت تي امير ٿي ويندو آهي.
ڊرامي جي ڪردار کي هن جي رنگ، غربت سبب ڪيتريون ئي عورتون کيس نظرانداز ڪري ڇڏينديون آهن ۽ هن کي سندس حصي جي محبت ناهن ڏينديون.
تازو ئي بي بي سي ايشن نيٽورڪ کي انٽرويو ڏيندي احمد علي اڪبر چيو ته تازو ڊرامي جي ليکڪ هاشم نديم جي انسٽاگرام جي اسٽوري تي پري زاد جي سيزن 2 جي حوالي سان ٻڌو هو.
اداڪار چيو ته پري زاد جو ڪردار ٻيهر نڀائڻ مشڪل هوندو. پر مونکي به پريشاني آهي ته پري زاد جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟
هن ٻڌايو ته ظاهري طور مان نٿو چاهيان ته ٻيهر پري زاد جو ڪردار ڪيان، پر چوندو آهيان ته پري زاد جي سيزن 2 اچي، پر ڊرامي جي سيزن 2 جي حوالي سان ليکڪ ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته ايندو يا نه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.