اسلام آباد (عمر چيما) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدارت تان استعفي ڏئي ڇڏي آهي. توقع آهي ته سندس جاءِ تي فريال ٽالپر کي پي پي پي پارليامينٽرين جو صدر بڻايو ويندو ۽ آصف زرداري اهو عهدو گهر ۾ رکندو. ممڪن آهي آصفه ڀٽو زرداري کي اهو عهدو ڏنو وڃي پر فريال ٽالپر جا امڪان وڌيڪ آهن. خاندان کان ٻاهر ڪنهن کي پارٽي صدر بنايو وڃي ان جا امڪان تمام گهٽ آهن. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل عاصم منير وارننگ ڏني آهي ته اظهار جي آزادي واري آرٽيڪل 119-A ۾ ڪجھ پابنديون به آهن خاص ڪري فوج ۽ عدليه جي حوالي سان غير ذميواري سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.