اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ۾ 18هين گريڊ جا 5 ڊپٽي ڊائريڪٽر تبديل ڪيا ويا.
محمد طاهر تنوير کي ايف آءِ اي بلوچستان زون مان ايف آءِ اي اڪيڊمي اسلام آباد تبديل ڪيو ويو، اعجاز احمد خان کي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد مان ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪوئيٽا مقرر ڪيو ويو.
مسز عنبرين علي کي ايف آءِ اي (اي ايڇ ايس) هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد مقرر ڪيو ويو، محمد حيدر عباس کي اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرز مان ايف آءِ اي (سي سي آر سي) راولپنڊي لڳايو ويو.
اهڙي ريت خرم سعيد راڻا کي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سيل اسلام آباد جي واڌو چارج ڏني وئي آهي.
Next Post
You might also like