ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين 30 ارب کان وڌيڪ سبسڊي ورتي ۽ 36 سيڪڙو رڪارڊ منافعو ڪمايو.
هارين جي کيسي مان 249 ارب واڌو ڪڍيا ويا ۽ ڀاڻ درآمد به ڪري ورتو.
حڪومت کان سستي گيس به ورتي وئي ۽ عوام جي ڪڻڪ درآمد ۽ اٽي ۾ 450 ارب لٽايا ويا.
ذريعن موجب پنج وڏين ڀاڻ ڪمپنين هڪ سال ۾ 130 ارب منافعو ڪمايو آهي.