لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي ڏسندي لاهور پوليس ايس او پيز جاري ڪندي اهلڪارن کي وردي ۾ اڪيلي سر سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
گذريل ڪجهه عرصي دوران لاهور ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي ڏسندي لاهور پوليس ٽارگيٽ ڪلنگ کان بچڻ لاءِ نوان ضابطا جاري ڪري ڇڏيا.
ان سلسلي ۾ جاري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس اهلڪارن کي وردي ۾ اڪيلي سر سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، پوليس اهلڪار بنا يونيفارم جي ڊيوٽي تي اچن ۽ بنا يونيفارم جي ئي گهر وڃن.
حڪم نامي موجب پوليس اهلڪار ضروري ڪم لاءِ وردي ۾ سفر نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪيڏانهن وڃڻو هجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه اهلڪار هجن.
لاهور پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ضابطا ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته لاهور ۾ گذريل 10 ڏينهن دوران انسپيڪٽر سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.
You might also like