ڪولمبيا جو اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان

بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا جي صدر گستاوپيٽرو چيو آهي ته اسان جو ملڪ غزا تي وحشياڻي بمباري خلاف احتجاجي طور اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي سڀ کان سخت ناقد ڪولمبيا جي صدر گستاوپيٽرو چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ تڪليف کي سمجهون ٿا، ڪولمبيا سڀاڻي کان اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.