ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۽ ميرپورخاص جي ماحولياتي نمونن ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
اختيارين موجب اپريل ۾ سڄي ملڪ جي 10 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.
اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي، حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته سکر ۽ جيڪب آباد جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي آهي.
ان کانسواءِ بلوچستان جي علائقي ڪوئيٽا، چمن ۽ نصيرآباد جي ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ هن سال هيل تائين 33 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ هن سال ٻه پوليو جا ڪيس سامهون آيا آهن.
ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۽ ميرپورخاص جي ماحولياتي نمونن ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق
You might also like