پي ٽي اي کي گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جون سمون بند ڪرڻ لاءِ خط وصول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جون سمون بند ڪرڻ بابت ايف بي آر جو خط وصول ٿي ويو.
پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي موجب ايف بي آر جو خط اي ميل ذريعي سومر جي شام وصول ٿيو، خط جو جائزو وٺي ان تي ڪو فيصلو ڪنداسين.
واضح رهي ته ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل سمون بند ڪرڻ لاءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.