مسلم ليگ ۾ اختلافن بابت اسلام آباد ۾ افواهه

تحرير: غلام حسين لغاري

ن ليگ جي ڀائرن جي پاڻ ۾ سياسي ڇڪتاڻ هڪ پاسي  ۽ حڪومت کي بيساکين تي هلائڻ واريون ڌڙا ڌڙ جاري نوٽيفڪيشنن به سياسي افق تي قياس آراين جا نون رستا کولي ڇڏيا آهن۔وفاقي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم مقرر ڪرڻ سان گڏ چونڊن ۾ هارايل اڳوڻي وزير داخلا راڻا ثناءُ الله کي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار جڏهن ته قانون جي اڳوڻي وفاقي وزير عرفان قادر کي وزيراعظم جو قانون بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي جن کي وفاقي وزير جو درجو پروٽوڪول ۽ رعايتون ميسر هونديون.

اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ اهي  چئوٻول هلن پيا ته جڏهن قانون جو اڳ ۾ ئي وزير موجود هو جيڪو ن ليگ جو وفادار آهي ته پوءِ  صلاحڪارن کي مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد هو۔وزيراعظم صاحب جڏهن ڪفايت شعاري جي ڳالهه ۽ ڪابينا کي محدود رکڻ جو چئي چڪو آهي ته پوءِ  واڌارو ڇو؟ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي۔عرفان قادر ايوان صدر جو پيارو آهي جڏهن ته راڻا وزيراعظم شهباز شريف جو پيارو سڏيو وڃي ٿو.

اسلام آباد ڊپ ۾ ورتل آهي جو مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط آهي ۽ اسيمبلي اجلاسن ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي انٽري نه هجڻ جي برابر آهي جو مخالف ڌر جو گوڙ ٻڌڻ وزيراعظم جي وس کان ايئن ٻاهر آهي جيئن ماضي جي مخالف ڌر عمران دور حڪومت ۾ ڪندي هئي ۽ عمران خان به گوڙ ۽ سخت تنقيد سبب اسيمبلي اجلاسن کان اڪثر ٻاهر رهندو هو ۽ ساڳي صورتحال شريف ڀائرن کي ورثي ۾ ملي آهي ۽ اهي برداشت نٿا ڪري سگهن۔اڃا ته اسيمبلي کي مهينو ٻه مس گذريا آهن پنج سال ان قسم جو گوڙ ۽ تنقيد ن ليگ ۽ سندس اتحادين لاءِ  ڏکيا آهن۔جيڪڏهن ن ليگ مخالفن سان تشدد ۽ انتقامي ڪارواين وارو رويو جاري رکي ٿي ته انجو وري به فائدو عمران خان کي ملندو جنهن جي پارٽي اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ٿيندي هونئن به هن وقت عدالتن ۽ ادارن جو جهڪاءُ عمران خان طرف آهي۔سپريم ڪورٽ به هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته ادارن جي مداخلت جا ذميوار وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا تصور ڪئي ويندي ۽ اهڙن رمارڪس به وزيراعظم هائوس کي في الحال ته پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ زوردار انٽري ۽ ڪيل خطاب به اقتداري ايوانن کي نه صرف لوڏي ڇڏيو آهي پر ن ليگ حڪومت کي به صفا ڌوئي ڇڏيو آهي جنهن به ن  ليگ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته مخالف ڌر کان ڪيئن بچجي ۽ ڪهڙا قدم کڻجن۔مولانا جو شهباز شريف ۽ بلاول کان اهو مطالبو ته پي ٽي آءِ کي مليل مينڊنٽ ۽ حڪومت واپس ڪريو ن ليگ ۽ پ پ پ لاءِ  ڪنهن ڳڻتي کان گهٽ ناهي ۽ پي ٽي آءِ کي هٿي ملي ٿي ته سندس مينڊيٽ چوري ٿيو آهي۔مولانا جي اجلاس ۾ اسٽيبلشمنٽ مٿان ڇتي تنقيد کي به نظرنداز نٿو ڪري سگهجي جنهن مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن سياسي مسئلا سياسي انداز ۾ نه ٿي سگهيا ته مخالف ڌر ڪنهن وڏي سياسي جنگ طرف وڃي سگهي ٿي جنهن جا جمهوريت لاءِ  اگرا نتيجا به نڪري سگهن ٿا جنهن لاءِ  ن ليگ ۽ سندس اتحادي پارٽيون ذميوار رهنديون

اسلام آباد ۾ ساڳي وقت ڪجهه  وڌيڪ قياس آرائيون به هلي رهيون آهن ته ڪنهن امڪاني سياسي ڦڏي کان بچڻ لاءِ  اڳتي هلي ڪجهه مهينن بعد اسيمبلين کي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن جنهن تجويز تي به پيپر ورڪ هلي پيو۔ن ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف خود به ڪنهن امڪاني سياسي ڦڏي کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي اسيمبلين ٽوڙڻ جو مشورو ڏئي سگهي ٿو جو هو حڪومت جي موجوده سيٽ اپ کان پوري ريت مطئمن ناهي ۽ نه وري بار بار نوٽيفڪيشنن جي آڌار تي حڪومت هلائڻ جي حق ۾ آهي۔هن مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ ۽ ٿڌي ڪرڻ لاءِ  وڏا وس ڪيا پر کيس پرچائڻ ۽ ٿڌي ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ کيس پوري پڪ آهي ته مولانا جي اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر مخالفت ن ليگ لاءِ  ڪڏهن به مسئلا کڙا ڪري سگهي ٿي جنهن کان بچڻ لاءِ  اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جمهوريت جي بقا ۽ ملڪي استحڪام لاءِ  ضروري آهن

پ پ پ بظاهر ته ن ليگ جي اتحادي آهي ۽ نا ممڪن ايوان صدر تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس پر وفاق ۾ ن ليگ حڪومت ۾ وزارتون نه وٺڻ به ڪا معني رکي ٿي جو ان کي به ڀلي ڀت خبر آهي ته ن ليگ حڪومت جٽادار ناهي۔بلاول ڀٽو به عام چونڊن تي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته سندن مينڊنٽ به چوري ٿيو آهي۔مولانا صاحب ايوان صدر پهچڻ جا خواب ڏسي رهيو هو جيڪي اڻ پورا رهجي ويا پ پ پ به پنهنجو صدر آندو جنهنڪري به مولانا ۽ پ پ پ ۾ وڇوٽيون وڌي چڪيون آهن ۽ مولانا ن ليگ سان گڏ پ پ پ کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي۔اسلام آباد ۾ اهي به قياس آرايون آهن ته پ پ پ اسيمبلين جي تحليل جي حق ۾ ناهي جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال پئدا ٿي ته آئيني تبديلي لاءِ  ھٿ پير هڻندي ڪجهه ڏي ڪجهه وٺ تحت پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ مولانا صاحب اهم ڪردار ادا ڪندو۔هونئن به مولانا داٻي دهمان سان وزارتون ماڻيندو رهيو آهي۔آئيني تبديلي لاءِ  ايوان صدر به ڪردار ادا ڪندو۔هونئن به ادارا ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪو به غير آئيني قدم کڻن لاءِ  تيار ناهن ۽ ايوان وسيلي تبديلي کي ترجيح  ڏيندا۔عمران به آئيني تبديلي چاهي ٿو۔ٿي سگهي ته عدالتون پي ٽي آءِ جي ٻڌن ۽ کيس چورايل مينڊنٽ واپس ڪرائين جنهن لاءِ  جج به اها ڳالهه سمجهن ٿا ته مداخلت جي ڀيٽ ۾ بنيادي انصاف جمهوريت جو شان آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.