وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ شاعري جي محفل

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي اردو شعبي ۾ مشاعري جي اهتمام ڪيو ويو، مشاعري جو اهتمام ادبي تنظيم ”ادب دوست“ ڪيو، جنهن جي صدارت ناليواري شاعر سحر انصاري ڪئي، نظامت جا فرض مقبول زيدي انجام ڏنا.
ڪراچي جي نوجوان شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، جن ۾ محب احمد، گل افشان، اسامه امير، ياسمين ياس، مهر حسن نقوي، وليد احمد، مسرور پيرزادو، تاجور شڪيل، مريم تسليم ڪياني ۽ زاهد حسين جوهري شامل هئا.
مشاعري ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. محفل جي صدر سحر انصاري پنهنجو چونڊيل ڪلام پيش ڪيو، جنهن ۾ سندس اهو غزل تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، ”جاني ڪيون بغاوت ڪا رنگ نهين جاتا، هم تو خاموش ڀي هين سر بهي جهڪائي هوئي هين“.
پڄاڻي تي ادب دوست تنظيم جي چيئرپرسن گل افشان ۽ اردو شعبي جي صدر ڊاڪٽر ياسمين سلطانه ڪامياب مشاعري تي محفل جي صدر، شاعرن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اڳتي به اهڙا پروگرام ٿيندا رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.