ڪنوار ٺڳ نڪتي، جيڪا گهوٽ کي نشو ڏئي بي هوش ڪرڻ کانپوءِ گهر مان لکين رپيا ٻُهاري وئي.
شادي زال مڙس ۽ خاندانن ۾ گڏيل اعتماد جي رشتي جو نالو آهي پر معاشري ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي انهن مقدس رشتن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن، جيئن پاڪستان جي علائقي پاڪ پتن ۾ ٿيو.
پنجاب جي شهر پاڪ پتن ۾ هڪ هوشيار عورت پنهنجي مڙس کي دوکو ڏنو، هوءَ گهوٽ کي نشو ڏئي بيهوش ڪرڻ کانپوءِ لکين رپيا کڻي فرار ٿي وئي.
رپورٽ موجب صائمه نالي ڪنوار گهوٽ اقبال حسين کي کير ۾ نشو ڏنو ۽ گهر مان زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي وئي، جنهن جي ماليت 12 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي.
گهر ڀاتين گهوٽ کي ڪمري ۾ بيهوش ۽ ڪنوار کي گم ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ اقبال کي اسپتال نيو ويو.
پوليس ڪنوار سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ گرفتاري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
Next Post
You might also like