”تيل اگهن ۾ لاٿ مهانگائي جو متبادل ناهي، مزدور جي پگهار وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين“

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهو جي زندگي ڏکي آهي، اسان خرچ گهٽائڻ ۽ مزدور جي پگهار وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
لاهور ۾ مزدور ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي عام ماڻهو جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، تيل اگهن ۾ لاٿ مهانگائي جو متبادل ناهي، اسان کي مزدور جي عظمت جو احساس آهي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ڪندو.
هن چيو ته اڄ سفارش هلي رهي آهي، کربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، هي ملڪ امير سان گڏ غريب جو به آهي، يتيم جو به آهي ۽ بيواهه جو به آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جون معاشي حالتون چئلينجنگ آهن، سعودي وزيرن سان مطمئن ڪندڙ ملاقاتون ٿيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ڪاروباري شخصيتون پاڪستان اچڻ واريون آهن، حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.