صبح سان ننڍا ننڍا گلڙن جهڙا ٻارڙا تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي اسڪول لاءِ نڪري ويندا آهن.
ڪڏهن هو نيرن ۾ ڪجهه کائي سگهندا آهن ته ڪڏهن وٽن وقت ناهي هوندو.
ڪمزوري کان بچڻ لاءِ ٻارن کي جيڪڏهن اسڪول ۾ رسيس دوران گرما گرم صحتمند کاڌو ملي ته اهو ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هوندو.