فيض آباد ڪميشن جي رپورٽ ۽ سياستدانن کي ئي ملڪي معاملا هلائڻ جي صلاح

تحرير: حاڪم نصيراڻي

فوج هڪ مقدس ادارو آھي ان کي سياست کان پري رکڻ گهرجي۔ فوج کي به گهرجي ته تنقيد کان بچڻ لاءِ  سولين معاملن کان پري رهي۔ اها فيض آباد ڪميشن جي صلاح آھي۔هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ان صلاح تي عمل ڪئين ٿيندو ۽ ڪير ڪرائيندو؟ گذريل ڇهن ستن سالن کان وٺي جنرل فيض حميد ، فيض آباد ڌرڻو ۽ جسٽس فائز عيسي جو چرچو عام رهيو آھي۔

جمهوري ملڪن کي جمهوري قوتون هلائينديون آھن عوامي طاقت ۽ فيصلي کي عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي۔ ملڪ جا ٻيا سڀ ادارا جمهوري قوتن جي پويان بيهي ڪيل فيصلن تي عمل درآمد ڪرائڻ جا پابند هوندا آھن پر افسوس ان ڳالهھ جو آھي ته اسان وٽ جمهوري قوتون ئي غير جمهوري قوتن کي پنهنجي مفادن ڪاڻ استعمال ڪندا رهيا آھن۔ جمهوري قوتن ۽ غير جمهوري قوتن جي ڪردار تي بحث ڪرڻ کان جمهوريت پسند باشعور به ناهن مڙندا مٿان وري مفاد پرست نام نهاد جمهوري قوتون پنهنجي مفادن کي آڏو رکندي مختلف ادارن کي پنهنجو سهارو بڻائي وقتي فائدا حاصل ڪنديون رهيون آھن۔

قاضي فائز عيسي پاران فيض آباد ڌرڻي بابت ورتل نوٽس ۽ فيصلي کان پوءِ  جيڪي ڏکيا سکيا ڏينهن کيس ڏسڻا پيا اهي به ڪنهن کان ڳجها ناهن۔

نواز شريف جي دور حڪومت ۾ ڌرڻا عام رهيا هڪ طرف قادري صاحب ميدان پنهنجي شاگردن منهاج جي ملازمن ۽ عقيدتمندن سان گڏ ميدان ۾ ته ٻئي طرف عمران خان پنهنجي نوجوان چاهيندڙن ۽ ڊي جي رت گرمائيندڙ موسيقي جي تڙڪو ساڻ ڪري رستن تي ويٺل مٿان وري تحريڪ لبيڪ جا ڏنڊا بردار جوشيلا مؤمن لبيڪ يا رسول الله جي نعرن سان ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي نڪري اچي حڪومت جون متيون منجهائڻ جو وارو هٿان وڃائڻ نه پيا چاهن۔  تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٿوري عرصي ۾ پنهنجي نظريي ۽ انداز جدوجهد جي ڪري تمام گهڻي شھرت حاصل ڪري ورتي۔

جئين ته اسان وٽ  مذھب ۽ عقيدي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي رهيو هر مڪتب فڪر پنهنجي فڪر جي پرچار ڪرڻ ۾ ڪنهن کان پوئتي ناهي رهي۔ هاڻي انهن کي ڪير اٿاري آيو يا اهي پاڻ اٿي پيا هئا ان سوال جي ڳولا سپريم ڪورٽ ۾ جاري آھي (اڪثر اسان وٽ ستل قوتن کي جاڳايو ويندو آھي)۔

مسلم ليگ ن جي حڪومت کي جهڪائڻ لاءِ  هر حربو استعمال ڪيو ويو۔ پنڊي ۽ اسلام آباد جي وچ تي موجود فيض آباد ۾ لڳل ڌرڻي ان وقت جي قانون واري وزير جي استعفي ۽  ڌرڻي ۾ موجود ماڻھن ۾ ورهايل پيسن ملڪي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي۔

2019 ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار تي آڱريون کڄڻ لڳيون۔ جسٽس فائز عيسي پنهنجي فيصلي ۾ منظر عام تي آيل ويڊيو تي سوال اٿاريا ادارن جي  سياست ۾ ادا ڪيل ڪردار تي به سوال اٿاري ڇڏيا هئا۔

ڪميشن پاران تڏهوڪي وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي ۽ جنرل فيض حميد جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا۔ جنرل فيض حميد پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ  حڪومت جيڪو ٽاسڪ ڏنو ان تي عمل ڪيو ويو۔ ڪميشن شھباز شريف جي حڪومت کي ڌرڻي جو مک ڪارڻ سمجهي فوج جي ڪنهن ڪردار کي نه مڃيو۔ ڪميشن کي جنرل فيض حميد جو ڪو ڪردار نظر نه آيو۔سپريم ڪورٽ جنرل پرويز مشرف کي ڊي چوڪ تي ٽنگڻ جي سزا ڏني هئي ڇا ان تي عمل ٿيو؟

جمهوري ملڪن کي جمهوري قوتون هلائينديون آھن عوامي طاقت ۽ فيصلي کي عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي۔ ملڪ جا ٻيا سڀ ادارا جمهوري قوتن جي پويان بيهي ڪيل فيصلن تي عمل درآمد ڪرائڻ جا پابند هوندا آھن پر افسوس ان ڳالهھ جو آھي ته اسان وٽ جمهوري قوتون ئي غير جمهوري قوتن کي پنهنجي مفادن ڪاڻ استعمال ڪندا رهيا آھن۔ جمهوري قوتن ۽ غير جمهوري قوتن جي ڪردار تي بحث ڪرڻ کان جمهوريت پسند باشعور به ناهن مڙندا مٿان وري مفاد پرست نام نهاد جمهوري قوتون پنهنجي مفادن کي آڏو رکندي مختلف ادارن کي پنهنجو سهارو بڻائي وقتي فائدا حاصل ڪنديون رهيون آھن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.