ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي ايندڙ سالن ۾ زمين تي موجود ڪنهن به ماڻهوءَ کان وڌيڪ ذهين هوندي.
گذريل ڏينهن ۾ هڪ انٽرويو ۾ ايلون مسڪ اها اڳڪٿي ڪئي آهي ته جيئن بجلي جي پهچ ۽ طاقتور اي آءِ ٽريننگ چپس جي گهٽتائي نه ٿي ته 2025 ۾ دنيا جي ڪنهن به ماڻهوءَ کان وڌيڪ ذهين سپر هيومين آرٽيفيشل انٽيليجنس ماڊل تيار ٿي ويندو.
هن چيو ته ايندڙ سال جي آخر ۾ اهو ممڪن ٿي ويندو. هن چيو ته گذريل سال چپس جي گھٽتائي کي منهن ڏنو جڏهن ته هڪ يا ٻن ورهين ۾ بجلي جي گھٽتائي جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پوندو.
واضح رهي ته پهريون ڀيرو نه پر مختلف پليٽ فارمز، ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ ايلون مسڪ انسانن کان وڌيڪ ذهين اي آءِ ماڊل بابت ڳالهايو آهي. هن اهو پڻ چيو ته ذهين اي آءِ ٽيڪنالوجي انسانن لاءِ خطرن جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.