ايران جيڪڏهن ڇڪتاڻ کي وڌايو ته ڳرا نتيجا ڀوڳيندو: اسرائيل

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران کي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ وڌائڻ تي ڳرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
آبنائي هرمز ۾ اسرائيلي ڪمپني جي پرتگالي جهاز جي قبضي کانپوءِ اسرائيلي فوج جي ريئر ايڊمرل ڊينئل هگاري ايران کي خبردار ڪندي چيو ته ايران جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌائي ٿو ته ان کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل هائي الرٽ آهي، ايران جي وڌيڪ ڪارروائين جي صورت ۾ ڀرپور ردعمل ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
واضح رهي ته ايراني فوج آبنائي هرمز ۾ اسرائيلي ڪمپني جي پرتگالي جهاز تي قبضو ڪري ورتو آهي.
اسرائيلي خابرو اداري موجب پرتگالي جهاز ايم ايس سي ايريز اسرائيلي ارب پتي ايال اوفر جي ڪمپني جو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.