پاڪستان ۾ فوجي پارليامينٽ ۽ فوجي حڪومت آهي: ايمل ولي خان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ۽ سينيٽر ايمل ولي حڪومت ۽ اپوزيشن سان نه گڏجڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان پوزيشن ۾ ناهي جو ڪنهن تي حملو ڪري، انڪري 80 سيڪڙو دفاعي خرچ ختم ڪري اِهي پئسا قوم جي بهتري تي خرچ ڪيا وڃن.
ايمل ولي چار سدا جي ولي باغ ۾ عيد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ عملي طور فوجي پارليامينٽ ۽ فوجي حڪومت آهي.
هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 110 سيڪڙو مارشل لا آهي ۽ ڪور ڪمانڊر جي حڪم تي سموري صوبي ۾ اٿل پٿل ڪئي پئي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي اين پي ايوان ۾ آزاد حيثيت سان ويهڻ لاءِ سينيٽ جي چيئرمين کي درخواست ڪندي، ڪي پي ڪي ۾ علي امين گنڊاپور جي نه پر ڪور ڪمانڊر ۽ سيڪٽر ڪمانڊر جي حڪومت آهي .
ايمل ولي چيو ته پاڪستان کي ايٽم بم ۽ حملن جي لاءِ هٿيارن جي ڪا ضرورت ناهي ، پاڪستان ان پوزيشن ۾ ناهي ته ڪنهن تي حملو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.