ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان گم ڄاڻايل ماڻهن بابت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گم ڄاڻايل ماڻهن جا ڪيس ڪميشن وٽ هزارن جي انگ ۾ ناهن ۽ ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکيو پئي اچي.
ترجمان چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو ذميواري سان حل ڪرڻ اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو ملوث رهيا آهن جن جا نالا گم ٿيل ماڻهن واري پهرين لسٽ ۾ آهن، جيڪڏهن ڪو خاندان سمجهي ٿو ته ان جي فيملي جو ڪو فرد گم آهي ته اهي ڪميشن سان رابطو ڪن .
You might also like