جنرل باجوا جو ڪيس جي درخواست تي اعتراض، هاءِ ڪورٽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رٽائرمينٽ کانپوءِ قانون جي ڀڃڪڙي، لاپرواهي ۽ غلط بياني جي ڪيس ۾ جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي اعتراضن تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق رٽائرمينٽ کانپوءِ قانون جي ڀڃڪڙي، لاپرواهي ۽ غلط بياني جي ڪيس ۾ قمر جاويد باجوا، فيض حميد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي اعتراض آيو، جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي وڪيل چيو ته جيڪا درخواست 6 مهينن کانپوءِ جمع ٿي، ان جي ڪا اهميت ناهي، خارج ڪرڻ گهرجي، ان تي ايف آءِ اي پنهنجو موقف ڏنو درخواست اچي وئي آهي ته اسان قانون موجب ڏسڻ کانپوءِ ئي فيصلو ڪنداسين.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ايف آءِ اي کي اڳ ۾ ڏسڻو آهي ته ان ۾ ڪو ڏوهه ٺهي ٿو يا نه، ان کان اڳ 22 اي جو ڪيس آيو هو، ان ۾ سينيئر ججن آرڊر ڪيو هو، جن سينيئر ججن آرڊر ڪيو، مان اهو آرڊر نٿو ڪيان.
عدالت ۾ صحافي جي وڪيل درخواست تي اعتراض ڪندي ڪيس ڊويزن بئنچ کي موڪلڻ جي اپيل ڪئي، ان تي چيف جسٽس چيو ڏسنداسين ته پرچو ڏيون يا نه ڏيون، منهنجو ڪم اهو ناهي، ڪم وري به ايف آءِ اي جو آهي، ڪهڙي خبر سڀاڻي ايف آءِ اي چئي ڇڏي ته پرچو ٺهي ٿو يا چئي ڇڏي ته پرچو نٿو ٺهي.
عدالت چيو ته قانون ۽ قاعدي موجب ايف آءِ اي کي انڪوائري جو فيصلو ڪرڻو آهي، ضرورت هجي ته اسان ڊويزن بئنچ کي به معاملو موڪلي سگهون ٿا.
عدالت ايف آءِ اي ۾ داخل درخواست تي ايف آءِ اي کي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪندي اعتراضن تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.