اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران پاڪستان گئس پائپ لائن جي تعمير جي معاملي تي پاڪستان گئس پائپ لائن جي تعمير کان اڳ پائپ لائن سروي جي ٻيهر منظوري ڏيندو.
پيٽروليم ڊويزن ذريعن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته گوادر کان ايراني سرحد تائين 80 ڪلو ميٽر پائپ لائن تعمير ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽر اسٽيٽ گئس سسٽمز سروي جي ٻيهر منظوري لاءِ ٽيندر جاري ڪيا ويا آهن، سروي ۽ انجنيئرنگ ڊيزائن لاءِ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.
ذريعن موجب منصوبي جي اڳ ۾ ڪيل سروي ۽ انجنيئرنگ ڊيزائن پراڻي آهي، پاڪستاني امڪاني 18 ارب ڊالر ڏنڊ کان بچڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.
You might also like