ڪراچي (پ ر) صحت جي عالمي اداري 7 اپريل تي صحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان موضوع ”منهنجي صحت منهنجو حق“ جي مناسبت سان همدرد فائونڊيشن پاڪستان ۽ همدرد پبلڪ اسڪول جي انتظام هيٺ گذريل ڏينهن آن لائن 32هين همدرد عالمي نونهال صحت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.
ڪانفرنس جي صدارت پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر ليوڊاپنگ ڪئي جڏهن ته مهمان طور ڊين فڪلٽي اوف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنسز، همدرد يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر رضا الرحمان اعزازي مهمان طور جڏهن ته ڊاڪٽر سارا سلمان زبيري به شريڪ ٿي.
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي همدرد فائونڊيشن جي صدر سعديه راشد چيو ته هر آواز ۽ هر عمل اثر رکندو آهي، ان لاءِ هر مسئلي جي نوعيت بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جو مسئلو ختم ڪرڻ ڏانهن پهريون قدم هوندو آهي. سڄي دنيا جي ماڻهن کي صحت جي حوالي سان مسئلا آهن، گڏيل ڪوششن سان اسان پنهنجي صحت جي مسئلن کي ختم ڪري سگهون ٿا. ان سلسلي ۾ همدرد فائونڊيشن هر سال باقاعدگي سان عالمي نونهال صحت ڪانفرنس ڪوٺائيندي آهي.
ڊاڪٽر ليوڊاپنگ چيو ته هن سال جي ٿيم جو مقصد انفرادي سطح تي صحت جي اهميت جي حوالي سان عالمي سطح تي شعور اجاڳر ڪرڻ آهي. هن جو مقصد انساني صحت بابت عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ صحت بابت ڀلائي جي ڪوششن کي هي ڏيڻ آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر رضا الرحمان چيو ته عام طور تي ذهني صحت تي خاص ڌيان ناهي ڏنو ويندو پر نونهال جا مقرر ذهني ۽ دماغي صحت کي نظر انداز نٿا ڪن جيڪو سٺو سنوڻ آهي.
ڊاڪٽر سارا سلمان زبيري چيو ته شهيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد بي مثال روايتون قائم ڪري ويو آهي جنهن تي ادارو عمل ڪري رهيو آهي.
ڪانفرنس ۾ نونهال نمائندن معلوماتي تقريرون ڪيون ۽ بحث هيٺ موضوع تي خيالن جو اظهار ڪيو. سندن واسطو پاڪستان کانسواءِ آمريڪا، آسٽريليا، افغانستان ۽ سريلنڪا سان هو.