ٽورنٽو ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتل پي آءِ اي ايئر هوسٽس ملازمت تان معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي ٽورنٽو ايئرپورٽ تي پابندي پيل شين جي برآمدگي تي حراست ۾ ورتل پي آءِ اي جي ايئر هوسٽس حنا ثاني کي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو.
پي آءِ اي ذريعن موجب عورت اڄ شام اڏام ذريعي پاڪستان واپس پهچندي، فضائي ميزبان خلاف محڪماڻي جاچ به شروع ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ايئر هوسٽس کي پابندي پيل شين جي مجودگي تي حراست ۾ رکيو ويو.
پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 789 تي مقرر فضائي ميزبان لاهور کان ٽورنٽو پهتي هئي، فضائي ميزبان کي گهڻي دير تائين پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڪسٽمز اختيارين رليز ڪيو.
پي آءِ اي ترجمان موجب حنا ثاني کي واپسي تي اڏام ۾ ميزبان طور مقرر نه ڪيو ويو، کيس ڊسيپلينري ايڪشن تحت معطل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.