شرٽ تي ڪيو آر ڪوڊ پرنٽ ڪرائي پئسا وٺندڙ ڊجيٽل پينو

دنيا تمام گهڻي تيزيءَ سان ڊجيٽل دور ۾ منتقل ٿي رهي آهي پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو به هوندو ته هڪ پينو به ڊجيٽل طور پِني سگهي ٿو؟
ڀارت ۾ هڪ دلچسپ ۽ عجيب واقعو پيش آيو، هڪ نابين پينو پِنڻ لاءِ گاڏي وٽ پهتو ته ان جي شرٽ تي ڪيو آر ڪوڊ پرنٽ هو.
گاڏي جي ڊرائيور پينو کان موبائل فون ورتي ۽ ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪندي پئسن کي آن لائن ٽرانسفر ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ وقت بچائڻ لاءِ ڪيو آر ڪوڊ جو استعمال ڪيو ويندو آهي، مختلف ڪيفي، کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ شاپنگ مالز ۾ ڪيو آر ڪوڊ جي سهولت دستياب هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.