دنيا جي سڀ کان ننڍي ناياب هرڻ جي پيدائش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان ڊياگو جي چڙيا گهر ۾ دنيا جي سڀ کان ننڍي هرڻ ڊڪ ڊڪ جي ٻچي جي پيدائش ٿي آهي.

چڙيا گهر جو چوڻ آهي ته ماءُ ڪلوئي ۽ پيءُ شيگي ابيبا کي جنم ڏنو آهي جنهن کي ايٿوپيا جي سامي ٻولي ۾ گل چيو ويندو آهي.

ڊڪ ڊڪ دنيا جا سڀ کان ننڍا هرڻ آهن جن جو وزن 6 کان 13 پائونڊ هوندو آهي.

هي آفريقا ۾ گرم هوا کي ڦڦڙن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ٿڌو ڪري ڇڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.